اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي لوڪ ورثه ميوزيم شڪر پڙيان ۾ 3 ڏينهن وارو ثقافتي ميلو جاري آهي ۽ شهرين جي وڏي انگ ان ۾ ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو آ??ي. ثقافتي ميلي جي اهم خصوصيتن ۾ هٿ جي هنر جي نمائش، نيشنل آرڪائيوز آف پاڪستان جي تعاون سان تحريڪ پاڪستان جي تصويري نمائش، ڪرافٽ بازار، لوڪ کاڌا وغيره شامل آهن. ثقافتي ميلي جو افتتاح گذريل ڏينهن وزيراعظم جي قومي ورثي ۽ ثقافت واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام ڪيو. نمائش ۾ فوڪ ۽ هٿ جي هنر تي ڌيان ڏنو ويو آ??ي. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ لوڪ فنڪار به حب الوطني جذبي سان سرشار ملي ۽ قومي نغما ڳائي ماڻهن جي ڌيان مرڪز جو رهيا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج