اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو آهي ته ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي، توهين آميز جملن جي معاملي تي ڀارتي سفارتڪار کي گهرائي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، ڀارت ڪنهن ٻي کي نه پر پنهنجو پاڻ کي ئي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، ڀارت کي ڪشمير ۾ ظلم بند ڪري اتي فوري گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي راءِ شماري ڪرائڻ گهرجي. هو پرڏيهي آفيس ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏئي رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار چيو ته ڀارتي بي جي پي جي ٻن عملدارن پاران توهين آميز جملن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا، هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود مختلف سفارتڪارن کي ڀارت ۾ توهين آميز جملن، هندو توا جي فروغ ۽ اقليتن تي ڀارتي ظلم کان آگاهه ڪيو، جيڪڏهن ڀارت ۾ ٿوري به اخلاقي جرئت آهي ته هو فوري طور تي ان بي جي پي عملدارن جي بيانن جي مذمت ڪري، ڀارت انهن عملدارن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي، هن چيو ته پاڪستان مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري کي فروغ ڏئي رهيو آهي، پاڪستان 600 کان وڌيڪ سک ياترين کي مقدس ماڳن جي ياترا لاءِ ويزا جاري ??ئي?? هن ٻڌايو ته جرمن پرڏيهي ??زير انا لينائبير بوڪ پاڪستان جو دورو ڪيو، بدقسمتي سان ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي ڪري جرمن پرڏيهي ??زير کي دورو مختصر ڪرڻو پيو، هن ٻڌايو ته ايراني سفير وزيراعظم سان ملاقات ??ئي?? وزيراعظم بلوچستان ۾ ل??ل باهه وسائڻ ۾ ايران جي مدد تي ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته گذريل ڏينهن پرڏيهي ??زارت ۽ آذربائيجان جي سفارتخاني پاران گڏيل تقريب جو انعقاد ڪيو ويو.
ڀارت مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي خلاف ڀرپور مهم جاري رکي آهي: عاصم افتخار
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر