اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌ?? هجڻ گهرجي، موجوده ورلڊ آرڊر ۾ دولت ۽ طاقت کي اهميت حاصل آهي، جڏهن ته انسانيت جي ضرورت اخلاقي قدر آهن، ڪاروبارن ۾ به انهن رخن کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽيلي نار پاڪستان جي اهتمام هيٺ ”اخلاقيات ۽ ڪاروبار“ جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ٽيلي نار پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر عرفان وهاب به ان موقعي تي خطاب ڪيو. صدر ڪاروباري شعبي ۾ اخلاقي اصولن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ??ه ڪاروبار ۾ منافعي سان گڏوگڏ ورڪرن جي ح??ن جي تحفظ، مالياتي لحاظ کان پائيداريت، انساني همدردي ۽ انصاف جي رخن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن دنيا ۾ مخت??ف معاشي نظامن جي ڀيٽ پيش ڪندي چيو ??ه ڪاروبار منافعي لاءِ ئي ڪيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ ان سان گڏوگڏ ٻين معاشرتي ذميدارين تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان حوالي سان بل گيٽس اينڊ ميلنڊا فائڊيشن جو مثال موجود آهي، هن چيو ??ه بدعنواني صرف مالي ناهي ٿيندي پر ان جا ٻيا اخلاقي ۽ معاشرتي پاسا به آهن، ??نهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جعلي خبرن سان ٿيندڙ نقصان به اسان جي سامهون آهن، ??در چيو ??ه موجوده دور ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيون ملڪي پاليسين ۽ فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، ??المي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي، جڏهن ته دنيا جي امن ۽ انسانيت جي مستقبل جي لاءِ اخلاقي اصولن جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي اهميت آهي، ان تناظر ۾ دنيا کي هڪ نئين نظام جي ضرورت آهي، جيڪو اخلاقيات ۽ انساني همدردي جي اصولن تي ٻڌ?? هجي. ان کان اڳ ٽيلي نار جي سي اي او عرفان وهاب صدر جي آجيان ڪئي ۽ چيو ??ه ٽيلي نار کي پاڪستان ۾ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪندي 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن، ??ن مناسبت سان اسان ڪاروبار ۾ اخلاقيات ۽ شفافيت جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششن جو آغاز ڪيو ??هي.
مستقبل جو عالمي نظام اخلاقيات، انصاف ۽ انساني همدردي تي ٻڌل هجڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil