اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسپيشل ٽيڪنالاجي زون اٿارٽي جي بور?? آف گورنرز جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته وڏن شهر?? ۾ ??ءِ ٽي سان واڳيل ماڻهن جي ??هو??ت لاءِ خصوصي زون ٺهي رهيا اهن، ان مقصد جي لاءِ حڪومت اين او سي هاصل ڪرڻ بدران تعليمي نظام متعارف ڪرايو آهي. هن چيو ته نوجوان آبادي جو 68 سيڪڙو آهن، آءِ ٽي جي شعبي ۾ کپت جي وڏي گنجائش آهي، ان جي ذريعي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو رستو هموار ٿيندو. ان کان اڳ بور?? آف گورنرز اسلام آباد ۾ مختلف ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ڪلسٽرز قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني جن جو مقصد ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي فروغ لاءِ موجوده بنيادي ڍانچي کي استعمال ڪرڻ جي حوالي سان آءِ ٽي جي شعبي جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي دوست ماحولياتي نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا وڃن ج?? ۾ ??جسٽرڊ ٽيڪ اسٽارٽ اپس ۽ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪس ۾ ڇوٽ، پاڪستان ٽيڪنالاجي اسٽارٽ اپس فنڊ قائم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ غيرملڪي جوائنٽ وينچرز فنڊنگ سميت قدم شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جي غربت جي خا??مي ۽ سماجي تحفظ واري خا?? معاون سينيٽر ڊا??ٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي خا?? معاون ڊا??ٽر شهباز گل، اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي جي چيئرمين عامر هاشمي، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن کي روزگار جا وسيع موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر