اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جي صدارت ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ج?? انتظامن جي ح??الي سان اهم اجلاس پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿيو، خصوصي پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار سميت پرڏيهي وزارت جي سينئر افيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته 19 ڊسمبر 2021ع تي افغانستان جي صورتحال جي ح??الي سان پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪئي، ان اجلاس جي ڪاميابي ۾ اسان جي سمورن ادارن بي مثال ڪردار ادا ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪر?? پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر عالمي سطح تي ڌيان جو مرڪز بڻجڻ وڃي رهيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس 22/23 مارچ 2022ع ت?? پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندو. پرڏيهي وزير کي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ج?? انتظامن ۽ تيارين جي ح??الي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ج?? انتظامن ۽ تيارين جو جائزو ورتو ۽ انهن کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
پرڏيهي وزير جي صدارت ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔