اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، مقامي سطح تي راندين ۾ شرڪت کي يقيني بڻائي باصلاحيت نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم نيشنل اسپورٽس پاليسي ۽ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ ريگيوليٽر طور تي ڪم ڪندو، پاڪستان اسپورٽس بورڊ نوجوانن کي راندين جي مع??ار?? سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ راندين ۾ نوجوانن جي شرڪت وڌڻ سان راندين جو معيار بهتر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستاني نوجوانن ۾ دنيا جو هر ميدان فتح ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اجلاس کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي انتظامي ڍانچي، نيشنل اسپورٽس پاليسي، ان حوالي سان صوبن سان مشاورت ۽ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ جو آئيني مسودو تيار آهي جنهن تحت بورڊ ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن جي انگ کي محدود رکيو ??يو آهي. بريفنگ دوران چيو ??يو ته بورڊ جي اخت??ار?? ۽ ذميوارين جو تعين ڪندي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ مثبت مقابلي جو ماحول قائم ڪرڻ جو خاص خيال رکيو ??يو آهي. آئين تحت اداري جو نئون انتظامي ڍانچو پڻ تيار ڪيو ??يو آه?? جڏهن ته نئون آئيني مسودو پڻ سي سي ايل سي کان منظور ٿي چڪو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته مختلف راندين جي فيڊري??نز جي لاءِ هدايتون پڻ جاري ڪي??ن ويون آهن، جن ۾ رجسٽريشن، اليڪشن جو طريقيڪار، ماڊل ڪانسٽي ٽيوشن، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ نيشنل اينٽي ڊوپنگ آرگنائيزيشن آف پاڪستان شامل آهن. بريفنگ دوران اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي صوبن سان نيشنل اسپورٽس پاليسي جي ت??ار?? جي حوالي سان مشاورت بابت پڻ ٻڌايو ??يو. صوبن سان تعاون ۽ رابطا وڌائي سڄي ملڪ ۾ راندين جون سرگرميون وڌايون وينديون. صوبا مقامي سطح تي راندين جي فروغ ۽ ڪلبز ۽ ايسوسيئي??نز کي سهولت فراهم ڪندا، ان کانسواءِ مقامي سطح تي صوبن پاران اهم راندين تي ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس کي وڏن شهرن ۾ هاڪي ٽرف جي حوالي سان پڻ ٻڌايو ??يو. اسلام آباد ۾ ان تي ڪم مڪمل آه?? جڏهن ته واهه ڪي??ٽ، فيصل آباد، ڪوئيٽا، پشاور، مظفرآباد ۽ گلگت ۾ ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم عمران خان جاري منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، چئني صوبن جي راندين وارن وزيرن، پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان اجلاس ۾ وڊيو ??نڪ ذريعي شريڪ ٿيو.
نوجوانن کي راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis