اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام کي جلد شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي، صحت ڪارڊ، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ?? پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ا??لا?? ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته غريب طبقي جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو وڏو پروگرام جلد شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي غريب طبقي تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي ۽ انهي لاءِ حڪومت صحت ڪارد، آبادگار ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جي دائري کي وڌائي رهي آهي. ا??لا?? ۾ سنڌ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمت تي ڳڻتي ??و اظهار ڪيو ويو. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم عمران خان کي احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام تي ??ريفنگ ڏني. ان موقعي تي ??طلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت، خيبرپختونخو??هه جي ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا، نيشنل بئنڪ جي صدر عارف عثماني، پنجاب ۽ خيبرپختونخو??هه جي چيف سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مالي معاونت سان شروع ڪيو ويندو جنهن تي پنجاب ۽ خيبرپختونخو??هه اڳ ۾ ئي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي ته اهي به ان ۾ شامل ٿين. ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين تي ??فصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پٺتي پيل طبقي کي مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ احساس ٽارگيٽيڊ سبسڊي پروگرام هلندڙ سال جلد جاري ٿيندو، پروگرام جي لاءِ احساس ۽ نيشنل بئنڪ جي حصيداري سان موبائيل پوائنٽ آف سيل نظام تيار ڪيو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته احساس جي اهل خاندانن کي ان پروگرام ذريعي مخصوص شين تي ڪرياني اسٽور تان خريداري تي ??عايت ملندي.
حڪومت کي عام ماڻهو تي مهانگائي جي اثرن جو احساس آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ