اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اض??فو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي اصول باقي آمدني واپار لاءِ آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر خواه اض??فو ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت س??ن لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب ر??پيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز س??ن لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اض??فو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.
ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔