اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪش??ير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي، غذائي تحفظ، سروس ??لي??ري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪش??ير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪش??ير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪش??ير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪش??ير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ لائحه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي مدي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي نظام جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي موجود نظام جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائحه عمل جي هفتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي فراهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي فروغ لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽاڪ، فلور?? ڪلچر، هارٽ?? ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ويندو. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعليم جي شعبن جي مانيٽرنگ، بجلي جي موجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي نظام جي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته سياحت جي فروغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس
مضمون کا ماخذ : números quina hoje