اسلام آباد – 08 جنوري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غذائي شعبي جي ريگيوليشن ۾ سيڙپڪاري جو سڌوسنئون اثر صحت جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، پنجاب حڪومت صوبي ۾ نجي شعبي جي اسپتالن جي طرز تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيلٿ انفارميشن مئنيجمينٽ جو جديد ترين نظام اختيار ڪري. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن، شهري زمين کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ ۽ ڊيري شعبي جي صورتحال کانسواءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت سوشل سيڪيورٽي اسپتالن سميت نون منصوبن بابت جائزه اجلاس جي جدا جدا سي??نز جي صدارت ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ