اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پاڻي ۽ بجلي واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته پاڻي هڪ نعمت ۽ زندگي آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان ??ال??مال آهي، ملڪ کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، قوم کي پاڻي جي کوٽ جي مسئلن جو ادراڪ آهي، منگلا ۽ تربيلا ڊيمن کانپوءِ اسان ڪو ڊيم ناهي ٺاهيو، پاڪستان ۾ 90 کان 95 سيڪڙو پاڻي زراعت جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو، ڊيم ٺاهڻ سان گڏوگڏ پاڻي کي زرعي مقصدن ۾ بهتر استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، آبپاشي ۽ پوکيءَ جي جديد نظام کي اختيار ڪرڻو پوندو، آبادگارن کي فنڊز ڏيڻا پوندا، برسات جي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ جلد ق??م کڻڻا پوندا، نون ڊيمن جي تعمير ايندڙ حڪومت جي لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خط??ب ڪري رهيو هو، جنهن ۾ هن ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 10 تجويزون پيش ڪيون.
پاڻي هڪ نعمت ۽ زندگي آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ