بهاولپور – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سموريون سياسي پارٽيون گڏجي ويهي مل?? ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ بابت اتفاق پيدا ڪن، وفاداريون تبديل ڪرڻ جو زمانو هليو ويو هاڻي عوام فيصلو ڪري ٿي، عوام وفاداريون تبديل ڪندڙن کان سوال ڪندي، اسان جمهوري قدرن جي فروغ تي پڪو يقين رکون ٿا ۽ اسان سمورن مسئلن ??ي باوجود عزت ۽ شائستگي سان سياس?? ڪئي آهي، پاڪستان رڳو جمهوريت سان ئي اڳتي وڌندو، سياست جا فيصلا رڳو پولنگ اسٽيشن تي ٿين ٿا. اهڙن خ??الن ??و اظهار هن بهاولپور ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ورڪرز ۽ علائقي جي معززين کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم