اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري صلاحڪار عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت ميرٽ تي يقين رکي ٿي، نوج??ان?? ۽ باصلاحيت ماڻهن کي انهن جو حق ڏياري هن ئي جمهوري نظام تي انهن جو يقين ۽ اعتما?? پڪو ڪري سگهجي ٿو، ڀرتين ۽ داخلائن جي لاءِ سچائي تي ٻڌل شفاف طريقيڪار سفارش ڪلچر جي نفي ۾ ٺوس ڪردار ادا ڪري ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) هيڊڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي صلاحڪار عرفان صديقي ان ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران نوڪرين تي لاڳو پابندي هٽائڻ جي اعلان کانپوءِ ٽن سالن دوران اين ٽي ايس رڪارڊ انگ ۾ اميدوارن جا ٽيسٽ ورتا ۽ باصلاحيت نوج??ان?? کي ميرٽ تي نوڪريون مليون.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina