اسلام آباد – 18 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشي?? چيو آهي ته حڪومت ۽ م??الف ڌر جي وچ ۾ پاناما پيپرز، آف شور ڪمپنين ۽ بئنڪن کان معاف ڪرايل قرضن جي ڇنڊڇاڻ جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي لاءِ 12 رڪني پارلياماني ڪميٽي تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪميٽي حڪومت جي 6 ۽ م??الف ڌر جي 6 ميمبرن تي ٻڌ?? هوندي جيڪا پنهنجي قائم ٿيڻ کانپوءِ ٻن هفتن ۾ پارليامينٽ ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ا??پيڪر جي صدارت ۾ حڪومتي ۽ م??الف ڌر جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته 16 مئي تي وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ ا??پيڪر سردار اياز صادق کي تجويز ڏني هئي ته هو ايوان ۾ موجود حڪومتي ۽ م??الف ڌر جي سمورين پارلياماني پارٽين جي مشاورت سان هڪ اهڙي ڪميٽي جوڙي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ