رياض-28 آگسٽ (اي پي پي ) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غزه ۽ ڀرپاسي واري صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. پرڏيهي خابرو اداري مطابق شهزاده محمد بن سلمان چيو ته سعودي عرب جنگ متاثر فلسطيني علائقن ۾ ڇڪتاڻ روڪڻ لاءِ سمورن عالمي ۽ علائقائي ڌرين سان ڳالهيون جاري رکندو. هن فلسطيني عوام جي باوقار زندگي جي ??ائ?? حقن، سندن اميدن ۽ امنگن جي تڪميل، منصفاڻي ۽ جٽادار امن لاءِ سعودي عرب جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي سعودي بچاءَ وارو وزير شهزاد?? خالد بن سلمان، پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان، جنرل انٽيليجنس جو سربراه?? خالد بن علي الحميد ۽ فلسطيني اٿارٽي جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات