بيجنگ -24 جون (اي پي پي) چين چيو آهي، ته هو چين ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي منصوبن جي سختي سان مخالفت ڪ??ي ٿو ۽ لاڳاپيل قدمن جو حق محفوظ رکي ٿو. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪي قدمن سان چين ۽ آمريڪي ڪاروباري ادارن وچ ۾ معمول جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي اثر پوندا ۽ عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام کي نق??ان پهچندو. هن چيو ته آمريڪا کي مارڪيٽ اڪانومي جي قانونن ۽ منصفاڻي برابري جي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ۽ واپاري مسئلن تي سياست ڪ??ڻ ۽ ان کي هٿيار بڻائڻ بند ڪرڻ گهرجي، چين ۾ سيڙپڪاري تان پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري سهڪار لاءِ هڪ نئون سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان ط??فا?? اهي رمارڪس 21 جون جي آمريڪي ناڻي کاتي پاران تجويز ڪيل قاعدن کان پوءِ سامهون آيا آهن جيڪي آمريڪي سيڙپڪاري کي چين ۾ محدود ڪري ڇڏيندو.
چين ۾ سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي تجويز ڪيل اصولن جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا: واپار واري وزارت بابت چين جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável