رياض-03 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت جاپان ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي ٿيل جاني نقصان تي تي افسوس جو ا??هار ڪندي جاپان ۽ ان جي دوست عوام سان افسوس ۽ همدردي جو ا??هار ڪيو آهي. سودي عرب جي پريس ايجنسي مطابق بيان ۾ سعودي عرب طرفان جاپان جي حڪومت ۽ ان جي عوام سان ايڪتا جو ا??هار ڪيو آهي. بيان ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو آهي. واضح رهي ته نئين س??ل جي آغاز تي جاپان ۾ طاقتور زلزلي سبب 64 مڻهو ا??ل جو شڪار ٿيا آهن ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن. زلزلي سان گڏو گڏ سونامي جون لهرون پڻ جاپان جي اولهندي ڪناري جي سامونڊي ڪناري سان ٽڪرائجي ويون. جاپان جي ميٽرولاجيڪل ايجنسي جو چوڻ آهي ته 90 منٽن جي دورانيي ۾ زلزلي جا 21 لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن جي شدت 4 يا ان کان ب?? وڌيڪ هئي. جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ شديد لوڏا 7.6 جي شدت جا هيا.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ