گڏيل قو??ون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، جنهن ۾ پاڪستان جي ن??را?? وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سميت سڄي دنيا مان تقريبن 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 کان وڌيڪ وزيرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين، مصنوعي ذهانت جي غلط استعمال جهڙن چئلينجن کي اجاگر ڪيو ويو. عالمي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اداره جاتي چئلينجز جي باوجود گڏيل قو??ون انسانيت کي درپيش چئلينجز جو گڏيل حل تيار ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڏو پليٽ فارم آهي. پاڪستان جي ن??را?? وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي کي 22 سيپٽمبر تي خطاب ڪيو هو، پنهنجي خطاب ۾ هن ڪشمير مسئلي کي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل کي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن لاءِ اهم قرار ڏنو ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو هو ته هو ڄمون ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عمل کي يقيني بڻائي. ن??را?? وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ عالمي برادري تي واضح ڪيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي انهن قراردادن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي جن ۾ ڄمون ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو ان جي عوام جي ذريعي گڏيل قو??ن جي ن??را??ي هيٺ راءِ شماري ذريعي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ن??را?? وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پنهنجي خطاب ۾ جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي ايجنڊا تي موجود ٻين موضوعن تي پاڪستان جو موقف وضاحت سان پيش ڪيو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ سڄي دنيا جي ماڻهن کي امن، خوشحالي، ترقي ۽ پائيداري فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل قو??ن جي اڻٽر عزم تي روشني وڌي. هن چيو ته هي اڳڀرائي هڪ خوش آئنده آهي ته گڏيل قو??ن جو ڌيان اسان جي وقت جي گڏيل چئلينجز تي آهي. فرانس جي صدر تڪرارن ۾ ملوث قو??ن ۽ گروهن وچ ۾ امن ۽ دوستي جي مڪالمي کي آسان بڻائڻ ۾ پنهنجي طرفان مدد جي آڇ ڪئي. گڏيل قو??ن جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل امينه محمد چيو ته جيتوڻيڪ اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي پر اهو ئي سبب آهي جنهن لاءِ اسان پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور ڀري رهيا آهيون. اجلاس ۾ شرڪت ل??ءِ سڄي دنيا مان آيل اڳواڻن ان موقعي مان فائدو کڻندي 2 هزار کان وڌيڪ ٻطرفين گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي، 13 هزار کان وڌيڪ ملڪي نمائندن، ميڊيا جي 2600 ميمبرن ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ٻين شرڪت ڪندڙن عام مباحثي ۽ ان سان لاڳاپيل هڪ سئو کان وڌيڪ ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي. ايس ڊي جي ايڪشن ويڪ اينڊ سول سوسائيٽي، ڪاروباري ادارن، نوجوانن، سائنسدانن، مقامي ۽ علائقائي ح??ومتن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ جامع ڪوششن کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان گڏ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس پڄاڻي تي پهتو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سميت سڄي دنيا مان 88 ملڪي سربراهن، 42 حڪومتي سربراهن ۽ 650 وزيرن شرڪت ڪئي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ